پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار  چٽ سسٽم ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار  چٽ سسٽم ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، عثمان بوزدار چيو آهي ته سائل دروازو کڙڪائي ۽ وزير جي ڪمري ۾ وڃي پنهنجو مسئلو ٻڌائي  سگهي ٿو، بيوروڪريسي سان ملاقات ۾ ڪا به رنڊڪ نه هئڻ گهرجي.

پنجاب ڪابينا جو ٻيو اجلاس وڏي وزير عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران 12 نڪاتي ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس ۾  وزيراعظم عمران خان جي هڪ سئو ڏينهن واري ايجنڊا تي به غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس دوران پنجاب جي صوبائي ڪابينا چٽ سسٽم ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار  چٽ سسٽم ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سائل دروازو کڙڪائي ۽ وزير جي ڪمري ۾ وڃي پنهنجو مسئلو ٻڌائي  سگهي ٿو.

عثمان بوزدار چيو ته، بيوروڪريسي سان ملاقات ۾ ڪا به رنڊڪ نه هئڻ گهرجي، انهيءَ فيصلي کانپوءِ عوام کي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ انتظار نه ڪرڻو پوندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*