مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته امن امان لاءِ وفاق صوبائي حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪندو

مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته امن امان لاءِ وفاق صوبائي حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪندو، سمورن فرقن کي عزت ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي، عوامي مسئلا حل ڪرڻ اخلاقي ۽ شرعي فرض آهي.

ڪوئيٽا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار آفريدي چيو ته امن امان لاءِ وفاق صوبائي حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪندو.

هن چيو ته، سمورن فرقن کي عزت ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي ، عوامي مسئلا حل ڪرڻ اخلاقي ۽ شرعي فرض آهي.

مملڪتي گهرو وزير چيو ته، رياست عوام جو هر تحفظ ڪندي ۽ آئيني حق  به ڏيندي.

شهريار آفريدي چيو ته اسان صوبي ۾ امن امان ۽ انتظامي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي، آءِ جي ايف سي سدرن ڪمانڊ، آءِ جي پوليس ۽ ٻين سان ملاقاتون  به ڪيون آهن.

مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو ته زائرين کي ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو  ۽ تفتان وڃي زائرين جا مسئلا ٻڌا آهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*