چيني پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان کي نومبر ۾ چين جي دوري جي دعوت ڏئي ڇڏي

چيني پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان کي نومبر ۾ چين جي دوري جي دعوت ڏئي ڇڏي، چيني پرڏيهي وزير وانگ زِي چيو آهي ته اسلام آباد جي دوري جو مقصد پاڪستاني حڪومت سان لاڳاپن کي نئين دڳ تي آڻڻ آهي، ملاقات هاڪاري رهي، اسٽريٽيجڪ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي.

اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان پريس ڪانفرنس ڪندي چيني پرڏيهي وزير وانگ زي چيو ته پاڪستان جي دوري جو مقصد نئين حڪومت سان رابطا وڌائڻ آهي.

هن چيو ته چين پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان کي نهايت اهميت ڏئي ٿو، وزيراعظم عمران خان کي نومبر ۾ چين جي دوري جي دعوت ڏني آهي.

هن چيو ته پاڪستان سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن لاءِ پاڪستان سان هر شعبي ۾ سهڪار جاري رکيو ويندو.

چيني پرڏيهي وزير وانگ زي چيو ته پاڪستان چين جو بهترين ۽ اعتماد جوڳو دوست آهي، پاڪستان جا مسئلا گڏجي حل ڪري وٺنداسين………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*