اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي ميمبر اشفاق حسن خان چيو آهي ته ڪائونسل آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي تجويز ناهي ڏني

اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي ميمبر اشفاق حسن خان چيو آهي ته ڪائونسل آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي تجويز ناهي ڏني، اجلاس ۾ آءِ ايم ايف بدران سمارٽ فون، لگزري گاڏين، پنير، فروٽس۽ مهانگين شين جي درآمد تي هڪ سال لاءِ پابندي جي تجويز تي ڳالهيون ٿيون هيون.

هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ميمبر اشفاق حسن خان چيو آهي ته اقتصادي مشاورتي ڪائونسل آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي تجويز ناهي ڏني.

هن چيو ته ڪائونسل اجلاس ۾ آءِ ايم ايف بدران سمارٽ فون، لگزري گاڏين، پنير، فروٽس۽ مهانگين شين جي درآمد تي هڪ سال لاءِ پابندي جي تجويز بابت ڳالهه ٻولهه ٿيون هيون.

ميمبر اشفاق حسن خان  چيو ته مهانگي شين تي پابندي لڳائڻ سان 4 کان 5 ارب ڊالرز بچائي سگهجن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*