خيبر پختونخوا جي تڪ پي ڪي 23 شانگله تي ننڍي چونڊ تي پولنگ عمل جاري آهي

خيبر پختونخوا جي تڪ پي ڪي 23 شانگله تي ننڍي چونڊ تي پولنگ عمل جاري آهي، سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن، 18 پولنگ اسٽيشنز انتهائي ۽ 35 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

 ڪي پي ڪي  جي تڪ 23 شانگلا تي ٻيهر پولنگ جو عمل جاري آهي، سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا آهن.

ووٽرن جو وڏو تعداد ووٽ ڏيڻ لاءِ پهتل آهي، پولنگ عمل شام 6 وڳي تائين جاري رهندو.

پي ٽي آءِ جي شوڪت يوسفزئي، اي اين پي جي عمر دراز، پيپلزپارٽي جي افسر الملڪ ۽ ايم ايم اي محمد يار سميت 13 اميدوارن وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

تڪ ۾ ووٽرز جو تعداد 2 لک 555 آهي، مردن لاءِ 25 ۽ عورتن لاءِ 21 پولنگ اسٽيشنز قائم، مرد ووٽرز جو تعداد هڪ لک13 هزار 827 ۽ عورتن جو تعداد 86 هزار 728 آهي

چونڊ دوران 18 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس ۽ 35  پولنگ اسٽشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته سڪيورٽي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

واضح  رهي ته 25 جولاءِ واري عام چونڊ ۾ عورت ووٽرز جو ٽرن آئوٽ گهٽ هئڻ سبب چونڊ ڪالعدم قرار ڏني وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*