اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس لاءِ جُڙيل خصوصي عدالت 9 آڪٽوبر کان روزانو بنيادن تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس لاءِ جُڙيل خصوصي عدالت 9 آڪٽوبر کان روزانو بنيادن تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، جسٽس ياور علي چيو آهي ته سنگين غداري ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائڻو آهي، گهرو وزارت ايندڙ ٻڌڻي تي لکت ۾ ٻڌائي ته جوابدار کي پيش ڪري سگهي ٿي يا نه؟

اسلام آباد جي خاص عدالت اڳوڻي صدر پرويز مسرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس طاهره صفدر جي نه هجڻ سبب جسٽس ياور علي ۽ جسٽس نذر اڪبر ٻڌڻي ڪئي.

جسٽس ياور علي ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنگين غداري ڪيس ۾ سموريون شاهديون رڪارڊ ٿي چڪيون آهن، نصيرالدين نيئر دليل ڏيندي ته جوابدارن جو بيان رڪارڊ نه ٿيو ته ڇا ڪيس اڳتي هلي سگهي ٿو؟

جسٽس ياور علي چيو ته نصير الدين نيئر اهي به دليل ڏيندو ته جوابدار جو 342 جو بيان اسڪائپ تي رڪارڊ ٿي سگهي ٿو؟

جسٽس ياور علي سوال ڪيو ته حڪومت جوابدار کي پيش ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قسم کڻي رهي آهي؟ جنهن تي گهرو وزارت جي نمائندي چيو ته انٽرپول ذريعي پرويز مشرف کي گرفتار  ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.

جسٽس ياور علي ريمارڪس ڏيندي چيو ته گهرو وزارت ايندڙ ٻڌڻي تي لکت ۾ ٻڌائي ته جوابدار کي پيش ڪري سگهي ٿي يا نه؟

 جج جسٽس ياور علي 9 آڪٽوبر کان سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي روزاني جي بنياد تي ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو ته آخري ڀيرو سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري رهيا آهيون. هن ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*