تنگواڻي ويجهو فش فارم جي تلاءَ ۾ زهر ملائڻ جي نتيجي ۾ هزارين رپين جي مڇي مري وئي آهي

تنگواڻي ويجهو فش فارم جي تلاءَ ۾ زهر ملائڻ جي نتيجي ۾ هزارين رپين جي مڇي مري وئي آهي.

ڳوٺ غوث بخش نندواڻي ۾اڻڄاتل ماڻهو پنهل نندواڻي جي فش فارم جي مڇي تلاءَ ۾ زهر ملائي  فرار ٿي ويا.

مڇي تلاءَ جي مالڪن  پنهل نندواڻي ۽ ٻين  احتجاج ڪندي چيو ته مڇي جي تلاءَ ۾ زهر ملائي لکين رپين جو نقصان ڪيوويو آهي .

هنن اعلىٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*