ميهڙ جي اسپتال ۾ رات جي اونداهيءَ ۾ منتقل ڪيل ٻن لاشن وارو معاملو ڊرامائي رُخ اختيار ڪري ويو

ميهڙ جي اسپتال ۾ رات جي اونداهيءَ ۾ منتقل ڪيل ٻن لاشن وارو معاملو ڊرامائي رُخ اختيار ڪري ويو، فريد آباد پوليس ٻنهي کي مبينا مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ڇهن هٿياربندن سان مقابلي دوران گوليون لڳڻ ڪري ٻه اڻ ڄاتل هٿياربند مارجي ويا، ذريعن موجب سي آءِ اي پوليس ٻه ڏينهن اڳ مخدوم بلاول واري علائقي مان ٻنهي ڄڻن کي کنڀي فُل فراءِ ڪرڻ بعد فريد آباد پوليس حوالي ڪيو.

فريدآباد پوليس پاران ميهڙ جي اسپتال ۾ رات جي اونداهيءَ ۾ منتقل ڪيل ٻن لاشن وارو معاملو ڊرامائي رُخ اختيار ڪري ويو آهي، ڪيترن ئي ڪلاڪن بعد فريد آباد ٿاڻي تي نئين آيل ايس ايڇ او پنهنجي مقرريءَ جي ڇهن ڪلاڪن بعد  مبينا مقابلي جي دعويٰ ڪري ڇڏي.

ايس ايڇ او موجب ڪاڇي جي نئين دلا واري علائقي ۾ شاهه گودڙيو روڊ تي ڇهن هٿياربندن سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ٻه اڻڄاتل هٿياربند مارجي ويا، جن وٽان پسٽل ۽ رپيٽر هٿ ڪيا ويا.

پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر رسول بخش شيخ موجب مارجي ويل ٻنهي ڄڻن کي 10 کان 15 فوٽ جي فاصلي تان گوليون لڳل آهن ۽ هڪ ڄڻي کي سيني وٽ لڳل گوليون آر پار ٿيل  آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سي آءِ اي پوليس مخدوم بلاول واري علائقي مان ٻن ڄڻن کي ڪار سميت سوگهو ڪرڻ بعد فل فراٰءِ ڪري لاش فريدآباد پوليس حوالي ڪيا.

ٻڌايو وڃي ٿو ته فريد آباد ٿاڻي تي نئين ايس ايڇ او عبيدالرحمان ڌاريجو پنهنجي مقرريءَ کان 6 ڪلاڪن بعد مبينا مقابلي ۾ٻن هٿياربندن کي مارڻ ۽ چئن ڄڻن جي فرار ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*