جيڪي به ڊاڪٽر گوسڙو هوندا انهن خلاف ڪارروائي ڪري کين گهر ڀيڙو ڪيو ويندو، ڄام مهتاب ڏهر

سنڌ سرڪار ٿر ۾ ٽن ڏينهن لاءِ صحت ۽ غذائت جي نالي سان ميلو لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڄام مهتاب ڏهر جو چوڻ آهي ته هنن ڊيوٽيون نه ڪندڙ چار سئو کان وڌيڪ ڊاڪٽرن کي هٽائي ڇڏيو آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صحت واري صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته ٿر ميلي ۾ ڪو به ناچ گانو نه ٿيندو، عام ماڻهن کي صحت بابت ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي.

هن چيو ته ٿر ميلي جو افتتاح 8 اپريل تي وڏو وزير ڪندو جيڪو ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو.

صوبائي وزير  چيو ته ٿر کان علاوه سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به صحت مند سنڌ جي نالي سان پروگرام ڪوٺايا  ويندا.

صوبائي وزير چيو ته سندن مقصد عوام کي صحت بابت پيغام پهچائڻ آهي.

هن چيو ته هو صوبي جي هر يوسي تائين صحت جو پيغام کڻي ويندا ۽ بيمارين جي خاتمي لاءِ عوام کي باخبر رکيو  ويندو.

ڄام مهتاب ڏهر چيو ته هي سال پوليو فري سال هوندو جڏهن ته ٽي پي ۽ مليريا سميت ٻين مرضن جي خاتمو پڻ آندو ويندو.

ڄام مهتاب ڏهر جو چوڻ هو ته جيڪي به ڊاڪٽر گوسڙو هوندا انهن خلاف ڪارروائي ڪري کين گهر ڀيڙو ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*