سپريم ڪورٽ ۾ نئين عدالتي قانون جي سال جي مناسبت سان سپريم ڪورٽ ۾ تقريب ٿي

سپريم ڪورٽ ۾ نئين عدالتي قانون جي سال جي مناسبت سان سپريم ڪورٽ ۾ تقريب ٿي، اٽارني جنرل انور منصور چيو آهي ته قانون تي عملدرآمد لاءِ ڪنهن کان پڇڻ جي ضرورت نه آهي، انصاف جي فراهمي ۾ دير ٿيڻ سان ماڻهن ۾ مايوسي پيدا ٿي رهي آهي، اسان کي جديد طريقو استعمال ڪرڻو پوندو، گذريل سال 36 هزار 501 ڪيس داخل ٿيا ۽ 28 هزار 970 ڪيس اڪلايا ويا.

نئين عدالتي قانون جي سال جي مناسبت سان سپريم ڪورٽ ۾ تقريب ٿي، جنهن ۾ اٽارني جنرل، ججز ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي اٽارني جنرل انور منصور چيو ته سمورن معزز ججز ۽ وڪيلن کي 2017 جي ڪاميابي سان پڄاڻي تي واڌايون ڏيان ٿو.

هن چيو ته، گذريل سال 36 هزار 501 ڪيس داخل ٿيا ۽ 28 هزار 970 ڪيس اڪلايا ويا.

اٽارني جنرل چيو ته ورلڊ بينڪ موجب لاهور ۽ ڪراچي ۾ قانون تي عملدارآمد لاءِ 125 کان 196 ڏينهن انتظار ڪرڻو پوندو آهي، انصاف جي فراهمي ۾ سست رفتاري سان مايوسي پيدا ٿيندي آهي.

اٽارني جنرل انور منصور  چيو ته، سوشو اڪنامڪ ترقي جي رفتار به گهٽجي رهي آهي.

هن چيو ته،  ڪو به شڪ نه آهي ته گذريل سال اهم  قدم کنيا ويا، جنهن سبب فيصلن تي تنقيد به ٿي.

اٽارني جنرل چيو ته، عدالتي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ مستقل عدالتي نظام کي مانيٽر ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته آمريڪي صدر چيو هو ته ڪو به شخص قانون کان مٿانهون نه آهي، نه ئي ڪو قانون جي نظر ۾ گهٽ آهي.

اٽارني جنرل چيو ته انصاف جي فراهمي جي انڊيڪس ۾ 113 مان پاڪستان جو نمبر 106 تي آهي، پاڪستان ۾ انصاف جي فراهمي جي جديد طريقي کي اختيار ڪرڻو پوندو.

اٽارني جنرل انور منصور چيو ته، قانون جي عملدرآمد  لاءِ ڪنهن کان به پڇڻ جي ضرورت نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*