پنجاب جي علائقي فيصل آباد ۾ ملڪيت جي تڪرار تان هڪ ڀاءُ پنهنجي ٻن ڀينرن کي قتل ڪري ڇڏيو

پنجاب جي علائقي فيصل آباد ۾ ملڪيت جي تڪرار تان هڪ ڀاءُ پنهنجي ٻن ڀينرن کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب، مقتول نازيه ۽ شازيه نرس هيون ۽ ٻئي ڄڻيون موڪلن تي گهر آيون  هيون ته سندن ڀاءُ کين گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو.

پوليس موجب، فيصل آباد جي علائقي بلاڪ پارڪ ۾ عاطف نالي شخص ملڪيت جي تڪرار تان پنهنجي ٻن ڀينرن شازيه ۽ نازيه کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس پهچي ٻنهي نارين جا لاش تحويل ۾ وٺي  پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.

پوليس موجب، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد  واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو..

پوليس موجب، نوجوان ملڪيت مان پنهنجي ڀيڻين کي حصو ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو، هو پنهنجي ڀيڻين کي سندن حصو پنهنجي نالي ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ به وجهندو هو.

پوليس موجب، مقتول نازيه ۽ شازيه نرس آهن ۽ ٻئي ڄڻيون موڪلن تي گهر آيون  هيون ته سندن ڀاءُ کين گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*