آئين سان هٿ چراند ڪئي وئي ته پاڪستان ۾ هڪ به آئين نه رهندو اسفند يار ولي

 عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته 18 هين ترميم کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، آئين سان هٿ چـُراند ڪئي وئي ته پاڪستان ۾هڪ به آئين نه رهندو، عدليه ۽ پارليامينٽ سميت چئن ٿنڀن خلاف سازشون ٿي رهيون آهن، فوج تڪراري ٿيڻ کان پاسو ڪري.

اسلام آباد ۾ اي اين پي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اسفند يار ولي چيو ته 2013 جي چونڊن ۾ کين ٻاهر رکيو ويو  ۽ اليڪشن مهم هلائڻ نه ڏني وئي پر هنن جمهوريت خاطر چونڊ نتيجن کي تسليم ڪيو.

هن چيو ته اي اين پي نواز شريف کي نه  نه پئي بچائي پر جمهوريت کي جو ساٿ ڏئي رهي آهي، چونڊيل وزيراعظم کي بندوق جي زور تي نٿو هٽائي نٿو سگهجي.

اسفند يار ولي چيو ته هڪ طبقو پارليامينٽ، عدليه ۽ چئن ٿنبن خلاف ڪم ڪري پيو، فوج تڪراري ٿيڻ کان پاسو ڪري، هو ڪنهن کي سياسي شهيد نٿا ڪرڻ چاهين.

اي اين پي سربراهه چيو ته عمران خان نئون پاڪستان ٺاهڻ جي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ خيبرپختونخواهه ۾ هلندڙ منصوبا مڪمل ڪري، ڪي پي ڪي ۾ 70 سيڪڙو ترقياتي فنڊ ليپس ٿيا آهن ۽ وڏو وزير اسلام آباد ۾ نچي رهيو آهي.

اسفند يار ولي چيو ته 18 هين ترميم کي ختم ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن 73 جي آئين سان هٿ چـُراند ڪئي وئي ته ملڪ ۾ اڳتي آئين نه رهندو.

هن چيو ته ملڪ ۾ وچ مدي واري چونڊن جي ڪا به ضرورت ناهي، 5 سال جو مدو پورو ٿيڻ بعد عوام پاڻ ئي حساب وٺندو آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت سوال جي جواب ۾ اسفند يار ولي چيو ته هنن جسٽس رٽائرڊ طارق پرويز جو نالو ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*