ڪراچي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي

ڪراچي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، رينجرز ترجمان چيو آهي ته رينجرز ڪورنگي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن محمد عرفان ۽ سراج الدين قريشي عرف بلال کي گرفتار ڪيو آهي.

هن چيو ته گرفتار جوابدار ڦر جي وارداتن ۾ ملوث آهن، سي ويو ۽ ڊفينس وارن علائقن مان  موٽرسائيڪلون چوري ڪندا هئا.

ترجمان چيو ته جوابدار چورايل گاڏين جا پارٽس ڪڍي وڪرو ڪندا هئا.

رينجرز ترجمان وڌيڪ چيو ته جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*