سيٺارجا ويجهو سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾هڪ عورت مارجي وئي ۽ 2 زخمي ٿي پيون

سيٺارجا ويجهو سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾هڪ عورت مارجي وئي ۽ 2 زخمي ٿي پيون.

ٺري مير واھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏاتو دستي ۾ سڱاوتي تڪرار تان دستي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ مسمات خانزادي مارجي وئي، جڏهن ته رشيدان ۽ صاحب خاتون سخت زخمي ٿي پيون.

واقعي بعد مارجي ويل عورت جو لاش ۽ زخمين کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اطلاع باوجود پوليس روايتي انداز موجب دير سان پهتي، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*