شهدادپور ۾ ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب هڪ اڌڙوٽ شخص فوت ٿي ويو، پوليس ڪار ڊرائيور کي سوگهو ڪرڻ بعد لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو

شهدادپور ۾ ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب هڪ اڌڙوٽ شخص فوت ٿي ويو، پوليس ڪار ڊرائيور کي سوگهو ڪرڻ بعد لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو.

ٽنڊوآدم روڊ تي اسلامڪ سائنس ڪاليج وٽ ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ احمدالدين آرائين جو رهواسي 50 ورهين جو زاهد اقبال آرائين سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال آندو پئي ويو ته رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

 پوليس پاران اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.

ٻئي طرف پوليس واقعي واري هنڌ پهچي حادثي واري جاءِ جو معائنو ڪري ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*