سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته نئين عدالتي سال ۾ اسان کي پنهنجا هدف مقرر ڪرڻا پوندا

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته نئين عدالتي سال ۾ اسان کي پنهنجا هدف مقرر ڪرڻا پوندا، پاڪستان قائداعظم جي ويزن تان هٽي ويو آهي، معاشري ۾ ناانصافي ۽ بُري حڪمراني قائم آهي، اسان کي قانون جي حڪمراني ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻو آهي.

نئين عدالتي سال جي موقعي تي سپريم ڪورٽ ۾ فل ڪورٽ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ججن ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.

تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته سپريم ڪورٽ سپريم ڪورٽ جو ڪم ڊيمز جي اڏاوت تي حڪومتي ڌيان ڏيارڻ هو، عوام جي پرجوش ردعمل تي ٿورائتو آهيان.

چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ بنيادي انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندي آهي، اسان کي انصاف جي فراهمي لاءِ نظام مان خرابيون ختم ڪرڻيون پونديون.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته اسان 37 هزار ڪيسن مان 19 هزار  درخواستن تي فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته نئين عدالتي سال ۾ اسان کي هدف مقرر ڪرڻا پوندا. معاشري ۾  ناانصافي ۽ بري حڪمراني  قائم آهي.

چيف جسٽس چيو ته پاڪستان قائداعظم جي ويزن تان هٽي ويو آهي،  اسان کي قانون جي حڪمراني ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻو پوندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*