لاهور هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران احسن اقبال احسن اقبال جي معافي منظور ڪندي سندس خلاف نوٽيس خارج ڪري ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران احسن اقبال احسن اقبال جي معافي منظور ڪندي سندس خلاف نوٽيس خارج ڪري ڇڏيو، جسٽس مظاهر علي ريمارڪس ڏيندي چيو ته جن عدليا خلاف گهڻو ڳالهايو، اُهي اڄ ڪٿي آهن؟، ٻيهر اهڙي ڪا حرڪت نه ڪجو، جنهن سان صورتحال خراب ٿئي، عدالت سان اوهان جو رويو بهتر هئڻ گهرجي. اوهان جي ماڻهن لاءِ اوهان کي رول ماڊل هئڻ گهرجي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس  مظاهر علي ڪئي.

لاهور هاءِ ڪورٽ احسن اقبال جو معافي نامو قبول ڪندي سندس خلاف توهين عدالت جو نوٽيس خارج ڪري ڇڏيو.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻيهر اهڙي ڪا حرڪت نه ڪجو، جنهن سان اهڙي صورتحال پيدا ٿئي.

جسٽس مظاهر علي چيو ته عدالت سان اوهان جو رويو بهتر هئڻ گهرجي. اوهان جي ماڻهن لاءِ اوهان کي رول ماڊل هئڻ گهرجي

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته سان اسان جي حڪومت ڪڏهن به ترقياتي منصوبن لاءِ چندو ناهي گهريو، مستقبل ۾ اسان سڀ گڏجي ملڪ لاءِ ڪم ڪنداسين.

هن چيو ته بجلي جي  کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ اسان جي حڪومت قدم کنيا هئا، واٽر انرجي ۽ فوڊ  سيڪيورٽي لاءِ ڪم ڪيو.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته حڪومت ترقياتي منصوبن کي سنجيدگي سان مڪمل ڪري اسان جي حڪومت ترقياتي منصوبن بابت روڊ شو به ڪيو هو.

احسن اقبال چيو ته  اسان جي حڪومت 12 هزار ميگاواٽ بجلي جا منصوبا  شروع ڪيا ويا هئا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*