بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ ڪوچ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار پيءُ ۽ پٽ ۽ فوت ٿي ويا ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي

بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ ڪوچ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار پيءُ ۽ پٽ ۽ فوت ٿي ويا ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي.

مستونگ ۾ مين باءِ پاس تي ميجر چوڪ وٽ تيز رفتار ڪوچ موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو.

حادثي جي نتيجي ۾ پيرل خان ۽ سندس پٽ ساحل فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس گهرواري زيبا سخت زخمي ٿي پئي.

اطلاع تي رضاڪارن پهچي فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي عورت کي طبي امداد ڏني وئي.

ريسڪيو ذريعن موجب، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، جڏهن ته زخمي  عورت جي حالت خطري کان ٻاهر آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*