پي ٽي آءِ حڪومت مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ڪمشنر افغان مهاجرين ضياءُ الرحمان کي سرڪاري عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو

پي ٽي آءِ حڪومت مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ڪمشنر افغان مهاجرين ضياءُ الرحمان کي سرڪاري عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان سندس صلاحڪار ارباب شهزاد کي ضياءُ الرحمان جي مقرريءَ بابت جاچ جي هدايت ڪري  ڇڏي، فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ ميرٽ تي يقين رکي ٿي، ضياءُالرحمان ڊي سي ڪيئن مقرر ٿيو؟ ان جي به جاچ ڪئي ويندي، هو ان کان اڳ خوشاب ۾ به ڊي سي طور مقرر رهيو آهي….

پي ٽي آءِ حڪومت مولانا فضل الرحمان جي ڀاءُ ضياءُ الرحمان کي سرڪاري عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري ورتوآهي.

وفاقي ڪابينا ڪمشنر افغان مهاجرين ضياءُ الرحمان کي هٽائڻ جي منظوري ڏن.

ڪابينا وزيراعظم جي صلاحڪار ارباب شهزاد کي جاچ رپورٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وفاقي ڪابينا چيو آهي ته پتو لڳايو وڃي ته ضياالرحمان ڪيئن وڏي عهدي تي مقرر ٿيو؟ ، صوبائي مئنيجمينٽ سروس ۾ ڪيئن ۽ ڇو شامل ٿيو؟

فواد چوڌري چيو آهي ته ضياءُالرحمان پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران مقرر ٿيو، ضياءُالرحمان کي هٽائي ٻيو آفيسر مقرر ڪيو ويندو،.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ضياءُالرحمان ڊي سي ڪيئن مقرر ٿيو؟ ان جي به جاچ ڪئي ويندي.

فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ ميرٽ تي يقين رکي ٿي، ضياءُالرحمان ان کان اڳ خوشاب ۾ به ڊي سي طور مقرر رهيو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*