لاهور هاءِ ڪورٽ نوازشريف ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف نيوز ليڪس ڪيس ۾  ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

لاهور هاءِ ڪورٽ نوازشريف ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف نيوز ليڪس ڪيس ۾  ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت شاهد خاقان عباسي کي 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت نوازشريف ۽ سرل الميڊا کي نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته اڊيالا جيل جو سپرنٽنڊنٽ عدالتي نوٽيس تي عمل ڪرائي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نوازشريف ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نوٽيس باوجود عدالت ۾ پيش نه ٿوي.  جنهن تي عدالت سندس خلاف ضمانت جوڳا گرفتاري  وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سيرل الميڊا کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته نوازشريف ممبئي حملن بابت انٽرويو ڏيندو، نوازشريف جي بيان سان ملڪي سالميت کي نقصان پهتو.

درخواستگذار چيو ته، شاهد خاقان عباسي جي ڏنل انٽرويو ۾ نوازشريف جو کيس مڪمل سهڪار هو.

درخواستگذار استدعا ڪئي ته، عدالت ميان نوازشريف، شاهد خاقان عباسي ۽ سرل الميڊا خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪري………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*