پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف پاڻي بحران جي خاتمي لاءِ ڊئم جي تعمير کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته

پيپلزپارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف پاڻي بحران جي خاتمي لاءِ ڊئم جي تعمير کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته، پ پ جي حڪومتي دور ۾ ڀاشا ۽ ديامير ڊئمز تي ڪم شروع ڪيو ويو هو، مستقبل ۾ پاڻي بحران واري سنگين ٿي ويندو، بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ ڊئمز ٺاهڻ لازمي آهي

لاهور جي احتساب عدالت ۾ گيپڪو ۾ غيرقانوني ڀرتين واري ريفرنس جي ٻڌڻيءَ دوران اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف پيش ٿيو.

ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته ڊئم جي تعمير سان گڏ  پاڻي ضايع ٿيڻ کان روڪڻو پوندو.

هن چيو ته نندي پور پاور پروجيڪٽ جو سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي، نندي پور ۽ رينٽرل پاور ڪيس ۾  مون بابت ڀلي ڪميشن جوڙي وڃي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي جو ڪنهن به جماعت سان اتحاد نه آهي، سموريون جماعتون پنهنجي منشور تحت اسيمبلي ۾ موجود آهن.

راجا پرويز اشرف چيو ته ملڪي مفاد ۾ آهي  ته اپوزيشن جو ساٿ ڏنو وڃي، جيڪڏهن حڪومت سٺو ڪم ڪندي ته ان جو به ساٿ ڏينداسين……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*