تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته نوابشاهه يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ وارو عمل شرمناڪ آهي

تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته نوابشاهه يونيورسٽي ۾ شاگردياڻي کي حراسان ڪرڻ وارو عمل شرمناڪ آهي، اهڙن واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏني وڃي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته عذرا پيچوهو جو شاگردياڻي فرزانه جمالي جي باري ۾ بيان سندس ذاتي موقف آهي.

هن چيو ته شاگردياڻي فرزانه جمالي واري معاملي جي جاچ وڏي وزير جي جاچ ڪميٽي ڪري رهي آهي.

صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته صوبائي حڪومت غريبن جي ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ چاهي ٿي.

هن چيو ته ڪاليج تائين تعليمي معيار کي ايترو بهتر ڪنداسين، جيئن شاگردن کي ٽيوشن جي ضروت نه پوي، تعليمي بورڊن ۾ مانگر مڇ ويٺا آهن.

سردار شاهه چيو ته جيڪڏهن ڊگريون رشوت عيوض وڪرو ٿينديون رهيون ته پوءِ محنت ڪندڙ غريب شاگرد اڳتي وڌي نه سگهندا، استادن جون مقرريون ڊوميسائل جي بنياد تي ڪيون وينديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*