اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي نالي سان مسلم ليگ جي رجسٽريشن رد ڪرڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي نالي سان مسلم ليگ جي رجسٽريشن رد ڪرڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 12 سيپٽمبر تي ٻڌايو ويندو، مسلم ليگ ن جي وڪيل چيو ته اليڪشن ايڪشن ۾ نااهل شخص جي نالي سان پارٽي جي رجسٽريشن جي حوالي سان ڪا به رنڊڪ نه آهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي نالي سان مسلم ليگ جي رجسٽريشن رد ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران درخوستگذار مخدوم نياز انقلابي ۽ مسلم ليگ ن جي وڪيل اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو.

درخواستگذار مخدوم انقلابي درخواست ٻڌڻي لاءِ فل بينچ جوڙڻ جي استدعا ڪئي.

درخواستگذار  موقف اختيار ڪيو ته نوازشڙيف جي نااهلي کانپوءِ مسلم ليگ  ن مان نوازشريف جو نالو ختم ڪيو وڃي،

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اوهان هڪ قانوني نقطو ٻڌايو، جنهن مان اسان کي لڳي ته اوهان جي درخواست تي فل بينچ جوڙي وڃي. جنهن تي مسلم ليگ جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ 122 سياسي جماعتون رجسٽرڊ آهن.

مسلم ليگ ن جي وڪيل چيو ته اليڪشن ايڪشن ۾ نااهل شخص جي نالي سان پارٽي جي رجسٽريشن جي حوالي سان ڪا به رنڊڪ نه آهي.

وڪيل چيو ته جيل جي اندر بي شمار قيدي آهن، جيڪي ووٽ وجهندا آهن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان به پارٽي رجسٽرڊ آهي، قائداعظم جي نالي سان به پارٽي رجسٽرڊ آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته فوت ٿيل شخص جي نالي سان پارٽي رجسٽريشن تي ڪا به پابندي نه آهي.

اليڪشن ڪميشن درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو 12 سيپٽمبر تي ٻڌايو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*