پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور گورنر هائوس لاهور کي به عوام لاءِ کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور گورنر هائوس لاهور کي به عوام لاءِ کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. چوڌري سرور چيو آهي ته گورنر هائوس عوام جي ملڪيت آهي ۽ سرڪاري عمارتون  ملڪ جو اثاثو آهي، اسان اهو تاثر تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا ته هي ملڪ رڳو بااثر طبقي لاءِ آهي.

گورنر هائوس لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري محمد سرور چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي گورنر هائوس لاهور صبح جو 10 وڳي کان شام 6 وڳي تائين عوام لاءِ کوليو ويندو.

هن چيو ته مان ڊفينس ۾  پنهنجي گهر ۾ رهندو آهيان ۽ اتي ئي رهندس. گورنر هائوس عوام جي ملڪيت آهي ۽ سرڪاري عمارتون  ملڪ جو اثاثو آهي، اسان اهو تاثر تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا ته هي ملڪ رڳو بااثر طبقي لاءِ آهي.

هن چيو ته گورنر سميت  سمورا حڪومتي عملدار پاڻ کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪندا، نه پاڻ ڪو غلط ڪم ڪندا ۽ نه ئي وري ڪنهن ڪرڻ ڏيندا، اسان عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

واضح رهي ته گورنر سنڌ عمران اسماعيل گورنر هائوس کي عوام لاءِ کوليو هو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم جي هدايت تي مري جو گورنر هائوس به عوام لاءِ کوليو ويو هو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*