بلوچستان جي وڏي وزير چيو آهي ته وقت گذرڻ سان گڏ بلوچ عوام تبديلي محسوس ڪندو

بلوچستان جي وڏي وزير چيو آهي ته وقت گذرڻ سان گڏ بلوچ عوام تبديلي محسوس ڪندو، بلوچستان جي وسيع مفادن ۾ پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏنو، گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير چيو آهي ته بلوچستان جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، وزيراعظم پيغام ڏنو شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي.

اسلام آباد ۾ بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال ۽  گهرو معاملن جي مملڪتي وزير شهريار آفريدي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وقت گذرڻ سان گڏ بلوچ تبديلي محسوس ڪندو.

ڄام ڪمال چيو ته وسيع مفادن ۾ نظر رکي اسان پي ٽي آءِ جو ساٿ ڏنوآهي، وفاقي سرڪار اسان سان مڪمل طور سهڪار ڪري رھي آهي.

هن چيو ته، اسان سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي هلنداسين، ايران ويندڙ زائرين کي بلوچستان سرڪار مڪمل سيليورٽي فراهم ڪند.

بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو ته شهيار آفريدي زائرين جي حوالي سان مڪمل دلچسپي سان ڪم ڪري پيو هن تفتان جو دورو به ڪيو آهي.

گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو ته شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ رياست جي زميواري آهي.

هن چيو ته, زائرين جي سيڪيورٽي لاءِ گڏيل پلان جوڙيو ويو آهي ,اسين آفيسن ۾ ويهڻ بدران عوام ۾ ويهي مسئلا حل ڪنداسين.

شهريار آفريدي چيو ته بلوچستان اڀرندو ته پاڪستان اڀرندو بلوچستان جا مسئلا ترجيح ۾ شامل آهن .

قاسم سوري  چيو ته اميد آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون عوامي امنگن تي پورو لهنديون , بلوچستان جلد ترقي جي دڳ تي گامزن ٿيندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*