مسلم ليگ ن جي صدر  شهباز شريف حڪومت جي فيصلي ڪرڻ واري سگهه تي سوال اٿاري ڇڏيا

مسلم ليگ ن جي صدر  شهباز شريف حڪومت جي فيصلي ڪرڻ واري سگهه تي سوال اٿاري ڇڏيا، شهبازشريف  چيو آهي ته  اگهه وڌائڻ جو اعلان ڪري واپس ورتو ويو، ٻڌايو وڃي ته ان مان ڪهڙو تاثر ڏنو پيو وڃي، سي پيڪ منجمند ڪرڻ 22 ڪروڙ عوام سان زيادتي  آهي.

مسلم ليگ ن جي صدر  شهباز شريف حڪومت جي فيصلي ڪرڻ واري سگهه تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهبازشريف  چيو ته  گيس، بجلي جي اگهن ۾ باقاعده ميڊيا تي اعلان ٿيو، هاڻ اي سي سي ۾ گيس جي اگهن ۾ واڌ واري فيصلي کي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته،  حڪومت فيصلو ڪري پوئتي هٽڻ مان الائي ڪهڙو تاثر ڏئي رهيا آهي.

شهباز شريف چيو ته سي پيڪ کي منجمد ڪرڻ 22 ڪروڙ عوام سان زيادتي آهي.

هن چيو ته، سي پيڪ گيم چينجر آهي اها زيادتي نه ڪئي وڃي، انهيءَ منصوبي سان پاڪستان کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو.

شهباز شريف چيو ته سي پيڪ سان زراعت ۽ ڪاروبار کي هٿي ملندي، اهو منصوبو پاڪستان لاءِ الله تعاليٰ طرفان هڪ تحفو آهي، جنهن کي منجمد ڪري ناشڪريو نه ٿيڻ گهرجي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*