قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڪميٽين جي ڪوٽا ۽ طريقيڪار کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڪميٽين جي ڪوٽا ۽ طريقيڪار کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو،  ايم ايم اي کي قومي اسيمبلي ۾ هڪ ڪميٽي جي سربراهي ملندي، مسلم ليگ ن کي 9 ڪميٽيون ملنديون ۽ پيپلزپارٽي کي 6 ڪميٽيون ملنديون، اپوزيشن 16 ۽ تحريڪ انصاصف 17 ڪميٽيون پاڻ وٽ رکنديون.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ وفاقي وزير پرويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي، عامر ڊوگر،  نويد قمر، اياز صادق، مصطفيٰ شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس محرم الحرام کان اڳ 14 يا 15 سيپٽمبر گهرائڻ تي غور ڪيو ويو.

قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي لاءِ اياز صادق، پرويز ملڪ ۽ خورشيد شاهه جي نالن تي غور ڪيو ويو.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڪميٽين جي ڪوٽا ۽ طريقيڪار کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو.

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن 16 ۽ تحريڪ انصاصف 17 ڪميٽيون پاڻ وٽ رکنديون.

ايم ايم اي کي قومي اسيمبلي ۾ هڪ ڪميٽي جي سربراهي ملندي، مسلم ليگ ن کي 9 ڪميٽيون ملنديون، جڏهن ته پيپلزپارٽي کي 6 ڪميٽيون ملنديون…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*