موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

موسميات کاتي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي ، موسميات کاتي موجب، اسلام آباد، مالا ڪنڊ، هزاره ڊويزن ۾ برسات جو امڪان آهي. مردان ۾برسات سبب گهر جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ملڪ جي مختلف علائقن ۾  برسات جو سلسلو جاري آهي، موسميات کاتي به ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي  موجب، اسلام آباد، مالا ڪنڊ، هزار ڊويزن ۽ ٻين علائقن ۾  برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب، ايندڙ  24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهندي.

هوڏدانهن مـَردان ويجهو طوفاني برسات دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت ۽ سندس 2 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا، هڪ ٻارڙو سخت زخمي  ٿي پيو.

ريسڪيو ذريعن موجب فقير بنڙ واري علائقي ۾ تيز برسات دوران گهــر  جِي ڇت ڪري پئي.

گهر جِي ڇَت ڪرڻ سبب هڪ عورت ۽ سندس  ٻه معصوم ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا.

حادثي جي نتيجي ۾ 12 سالن جي ٻارڙِي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي مـَردان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*