پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي 70 هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي

پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي 70 هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، مختلف شهرن ۾ ملڪ جي باني کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ تقريبون ڪوٺائڻ جو سلسلو به جاري آهي.

سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 70 هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ، گورنر  عمران اسماعيل ۽ ڪابينا ميمبرن قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي .

سڄي ملڪ جيان ڪراچي ۾ به سرڪاري ۽ خانگي سطح تي تقريبون منعقد ڪيون  پيون وڃن، جن ۾ مقررن قائد اعظم جي زندگي تي روشن وڌي ۽ مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ ٺاهڻ واري جدوجهد ۽ شاندار خدمتن تي قائد اعظم کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.

قائد اعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 18 سئو 76 تي ڪراچي ۾ پيد اٿيو ۽ 19 سئو 13 ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ باقاعده شرڪت ڪئي.

قائداعظم محمد علي جناح انگريزن کان نجات ڏيڻ ۽ مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ لاءِ جدوجهد ڪئي.

قائد اعظم جي اڻ کٽ ڪوششن سبب 14 آگسٽ 19 سئو 47 تي پاڪستان وجود ۾ آيو.

قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان جو پهريون گورنر جنرل ٿيو ۽ 11 سيپٽمبر 19 سئو 48 تي قوم کي ڇڏي خالق حقيقي سان وڃي مليو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*