سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 18هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ نه ڏينداسين، جيڪڏهن صوبائي خودمختياري ۽ آئين جي خلاف ڪا ڳالهه ٿي ته مزاحمت ڪئي ويندي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 18هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ نه ڏينداسين، جيڪڏهن صوبائي خودمختياري ۽ آئين جي خلاف ڪا ڳالهه ٿي ته مزاحمت ڪئي ويندي، چونڊن دوران بي ضابطين جون وڏيون شاهديون موجود آهن، بلديا سانحي جي جوابدارن کي سزا ضرور ملندي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  ۽ گورنر عمران اسماعيل ۽ ڪابينا ميمبرن جي قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي  حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي، سيد مراد علي شاهه چيو ته 18هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ نه ڏينداسين.

هن چيو ته، جيڪڏهن صوبائي خودمختياري ۽ آئين جي خلاف ڪا ڳالهه ٿي ته مزاحمت ڪئي ويندي، چونڊن دوران بي ضابطين جون وڏيون شاهديون موجود آهن.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته، اسان جي ڪوشش آهي ته صوبي ۾ صحت ۽ تعليم جون سهولتون ڏنيون وڃن، بلدياح سانحو نه وسرندڙ واقعو آهي.

هن چيو ته انسانيت سان وڏو ظلم ٿيو هو، جوابدارن کي سزا ضرور ملندي، بلديا سانحي تي جي آءِ ٽيز جوڙيون ويون آهن.

مراد علي شاهه چيو ته، دهشتگردي جيان اسٽريٽ ڪرائمز تي به ضابطو آندو ويندو، آفيسرن جون مقررين ۽ بدلين جو هڪ قاعدو هوندو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته ديامر ڀاشا ڊيم پيپلزپارٽي جو هو، جنهن تي ٽيڪنيڪي اعتراض اٿاريا ويا هئا، جيڪي به تڪراري منصوبا آهن، انهن تي اعتماد ۾ ورتو وڃي.

هن چييو ته پاڻي ئي ناهي ته ڊيم ڪيئن ٺاهيون، ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي ۾ پاڻي کي روڪي ڊيم ٺاهڻ سنڌ جي ڊيلٽا کي تباهه ڪرڻ برابر آهي.

گورنر عمران اسماعيل چيو ته امن اسان جي پهرين ترجيح آهي، سنڌ سرڪار سان گڏجي ترقياتي پروجيڪٽس تي ڪم ڪنداسين ۽ اڻ مڪمل ترقياتي ڪم به گڏجي مڪمل ڪيا ويندا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*