اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملي ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم عمران، شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين ۽ اسد عمر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ حملي ڪيس جي ٻڌڻي دوران وزيراعظم عمران، شاهه محمود قريشي، جهانگير ترين ۽ اسد عمر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، پي ٽي آءِ وڪيل بابر اعواڻ چيو ته جوابدار هڪ کان وڌيڪ هجن ته شريڪ جوابدارن کي حاضري کان ڇوٽ ملي سگهي ٿي، پراسيڪيوٽر جنرل چيو آهي ته کيس عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ تي ڪو به اعتراض نه آهي.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي وي، پارليامنٽ حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، تحريڪ انصاف جو وڪيل بابر اعواڻ ۽ پراسيڪوٽر جنرل پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اعجاز چوڌري، شفقت محمود، سيف الله، اسد عمر، جهانگري ترين جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرائي وئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جوابدار سرڪاري مصروفيتن سبب پيش نه ٿا ٿي سگهن، عدالت کي استدعا آهي ته اڄ کين حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.

تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرائي.

بابر اعواڻ موقف اختيار ڪيو ته  جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ جوابدار هجن ته شريڪ جوابدارن کي حاضري کان ڇوٽ ملي سگهي ٿي. جنهن تي پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته عمران خان کي حاضري کان ڇوٽ  تي کيس ڪو به اعتراض نه آهي.

عدالت حاضري کان ڇوٽ واريون درخواستون منظور ڪندي پارليامينٽ حملي ڪيس  پهرين آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*