سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار جي ڏيهه واپسي واري ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي تائين ملتوي ڪندي لاڳاپيل ادارن کي ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار جي ڏيهه واپسي واري ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي تائين ملتوي ڪندي لاڳاپيل ادارن کي ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو آهي ته اسحاق ڊار کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ طريقيڪار موجود آهي، سندس عام پاسپورٽ به بلاڪ ڪيو ويو  آهي، نيب جي درخواست تي گهرو وزارت اسحاق ڊار جو نالو بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ اسحاق ڊار  جي ڏيهه واپسي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽار جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ناڻي واري اڳوڻي وزير اسحاق ڊار جو  سفارتي پاسپورٽ رد ڪيو ويو آهي.

چيف جسٽس سوال ڪيو ته پوءِ اسحاق ڊار کي ڏيهه واپس ڪيئن آندو ويندو. جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته هن وقت اسحاق ڊار وٽ ڪو به سفري دستاويز نه آهي، سندس عام پاسپورٽ به رد ڪيو ويو آهي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته نيب جي  درخواست تي گهرو وزارت اسحاق ڊار کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته  اسحاق ڊار کي ڏيهه واپس آڻڻ جو طريقيڪار به موجود آهي.

چيف جسٽس انور منصور کي مخاطب  ٿيندي چيو ته اٽار جنرل ڇا اوهان هي معاملو ڏٺو آهي ، نيب پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته اسحاق ڊار جي ملڪيت بابت ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اسان اسحاق ڊآر جي ملڪيت بابت معلومات به حاصل ڪئي آهي. جنهن جي لاءِ اسان کي انهن ملڪن جي عدالتن ڏانهن وڃڻو پوندو.

جسٽس اعجاز الاحسن  چيو ته برطانيا سان حراست ۾ ورتل جوابدارن بابت معاهدو موجود آهي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته اسحاق ڊار  جي ڏيهه واپسي واري معاملي تي لاڳاپيل عملدارن سان ڳالهايو آهي.

چيف جسٽس اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته نيب پاران اسحاق ڊار مفرور قرار ڏيڻ جي خبر اوهان کي هوندي، ڇا هاڻ رياست به اسحاق ڊار کي واپس نه ٿي آڻي سگهي.

اٽارني جنرل چيو ته اسحاق ڊار جي ڏيهه واپسي  لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن سان مشاورت ڪئي پئي وڃي.

سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار  کي ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي هڪ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*