سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي سانحي جي نئين سر جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ 12 مئي سانحي جي نئين سر جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته واقعي جي حوالي سان 65 ڪيسز جي جاچ ڪئي وڃي، جن مان اڪثر اي ڪلاس ٿي چڪا آهن.

جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي تي ٻڌل ڊويزن بئنچ اقبال ڪاظم جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

عدالت فيصلي ۾ چيو ته  12 مئي سانحي بابت اي ڪلاس ڪيل ڪيسز جي نئين سر جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي.

عدالت فيصلي ۾ سنڌ حڪومت کي ڪيسز جي نئين سر جاچ لاءِ ٽربيونل قائم ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو،، مانيٽرنگ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هڪ سينئر جج مقرر ڪري.

عدالت فيصلي ۾ چيو ته سنڌ سرڪار کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڪيسز جي انڪوائري لاءِ خط لکڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*