ايران ۽ 6 عالمي طاقتن وچ ۾ ايٽمي پروگرام بابت ڳالهيون انتهائي اهم مرحلي ۾ داخل ٿي ويون

ايران ۽ 6 عالمي طاقتن وچ ۾ ايٽمي پروگرام بابت ڳالهيون انتهائي اهم مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن،ڳالهين لاءِ ڏنل ڊيڊ لائن اڱاري ڏينهن ختم ٿيڻي آهي جنهن کان اڳ ڌريون ڪنهن معاهدي تي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.

سئٽزرلينڊ جي شهر لوزان ۾ جاري ڳالهين ۾ اڄوڪي ڏينهن تي برطانيه، روس ۽ چين جا پرڏيهي وزير به شرڪت ڪري رهيا آهن جڏهن ته جرمني، فرانس ۽ آمريڪا جا پرڏيهي وزير اڳ ئي اتي موجود آهن.

ڳالهين ۾ شامل روس جي پرڏيهي وزير سرگئي ريبڪوو خبرادر ڪيو آهي ته يمن ۾ آمريڪا جي حمايت آفته سعودي اتحاد جي ايراني باغين خلاف ڪارروائي ايٽمي پروگرام بابت ڳالهيون ماحول اثرانداز ٿي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته اسين ڏسي رهيا آهيون ته بدقسمتي سان يمن ۾ پيش ايندڙ واقعن جو اثر ايران جي ايٽمي پروگرام بابت ڳالهين تي ٿي رهيو آهي.

گذريل ڏينهن ڳالهين ۾ شريڪ اهلڪارن ۽ اعليٰ عملدارن اها اميد ظاهر ڪئي هئي ته 18 مهينن جي ڳالهين ۽ 2 ڀيرا ڊيڊ لائن گذرڻ جي باوجود ايٽمي پروگرام جا امڪان روشن آهن.

ايران جي پرڏيهي وزير محمد جواد ظريف چيو آهي ته اسين اڳتي وڌي رهيا آهيون ۽ سندس خيال آهي ته اسين تمام معاملا حل ڪري معاهدي کي تحريري شڪل ڏيڻ لاءِ وڌي سگهون ٿا.

جرمني جي پرڏيهي وزير فرينڪ والٽر اسٽينميئر جو چوڻ آهي ته ايران جي ايٽمي پروگرام بابت ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن.

واضح رهي ته ڳالهين لاءِ 31 مارچ ۽ حتمي معاهدي لاءِ 30 جون جي ڊيڊ لائن مقرر ڪئي وئي آهي.

ڳالهين جي هلندڙ دور ۾ ايران جو چوڻ آهي ته ان جو ايٽمي پروگرام پرامن مقصدن لاءِ آهي جڏهن ته عالمي طاقتن خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته ايران ايٽمي پروگرام کي فوجي مقصدن لاءِ به استعمال ڪري سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*