وفاقي ڪابينا ۾ واڌ ڪندي وڌيڪ 6 ميمبرز شامل ڪيا ويا آهن، علي زيدي، عمر ايوب، علي محمد مهر، شبير قريشي، حماد اظهر ۽ مراد سعيد حلف کڻي ورتو

وفاقي ڪابينا ۾ واڌ ڪندي وڌيڪ 6 ميمبرز شامل ڪيا ويا آهن، علي زيدي، عمر ايوب، علي محمد مهر، شبير قريشي، حماد اظهر ۽ مراد سعيد حلف کڻي ورتو

وفاقي ڪابينا ۾ واڌ کانپوءِ 6 نون وزيرن حلف کڻي ورتو آهي. ان حوالي سان  ايوان صدر ۾ تقريب ٿي.

تقريب دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي نون وزيرن کان حلف ورتو.

علي محمد خان مهر،  عمر ايوب، حيدر علي زيدي وفاقي وزير جي حيثيت سان حلف کنيو، جڏهن ته مراد سعيد، محمد شبير علي ۽ محمد حماد اظهر مملڪتي وزير طور حلف کنيو.

6 نون وزيرن جي حلف کڻڻ کانپوءِ ڪابينا  ۾ ميمبرن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو آهي، جڏهن ته وزيرن جي کاتن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*