چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڊيم جو چندو گڏ ڪرڻ تي اسان تي فقير هئڻ جو الزام لڳايو پيو وڃي

چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڊيم جو چندو گڏ ڪرڻ تي اسان تي فقير هئڻ جو الزام لڳايو پيو وڃي، ڪم ظرف ماڻهو  آهن، اهي جيڪي اهڙي سوچ رکن ٿا.

سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊيم جو چندو گڏ ڪرڻ تي اسان تي فقير هئڻ جو الزام لڳايو پيو وڃي.

چيف جسٽس چيو ته، اسان ڪي فقير نه آهيون، قومي ڪاز جي ڪري هي سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهيون.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته، ڪم ظرف ماڻهو  آهن، اهي جيڪي اهڙي سوچ رکن ٿا.

چيف جسٽس چيو ته، جڏهن مخالفن کي ڪجهه نه مليو ته ڊيم جي اڏاوت جي مخالف شروع ڪئي وئي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته، اهڙا الزام لڳائيندڙن کي شرم اچڻ گهرجي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*