سپريم ڪورٽ ۾ موبائل فون ڪمپني ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس  ڏيندي چيف جسٽس چيو آهي ته هڪ ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ چيو ويو ته عدالت جي اسٽي آرڊر سبب اربين رپيا ڦاسي پيا

سپريم ڪورٽ ۾ موبائل فون ڪمپني ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس  ڏيندي چيف جسٽس چيو آهي ته هڪ ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ چيو ويو ته عدالت جي اسٽي آرڊر سبب اربين رپيا ڦاسي پيا، مون کي لسٽس ڏني وڃي، اهڙا ڪهڙا ڪيس آهن، جن جي ڪري پيسا ڦاٿل آهن، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو آهي ته جيڪڏهن 5 سئو يا ان کان گهٽ بيلنس استعمال ٿندو آهي ته ان تي ٽيڪس لاڳو نه ٿيندو آهي، 18هين ترميم کانپوءِ انڪم ٽيڪس سميت ٻيا ڪيترائي معاملا صوبن وٽ آهن

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ موبائل ڪمپني ٽيڪس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته موبائل ڪمپني جي ٽيڪس بابت هن وقت تائين قانون سازي  ڇو نه ڪئي وئي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ انڪم ٽيڪس سميت  ڪيترن ئي معاملن جا اختيار صوبن وٽ منتقل ٿي چڪا آهن.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏهن 5 سئو يا ان کان گهٽ بيلنس استعمال ٿيندو آهي ته ان تي ٽڪيس لاڳو  نه ٿيندو آهي.  5 سئو کان وڌيڪ بيلنس ٽيڪس نيٽ ۾ ايندو آهي.

چيف جسٽس چيو ته هڪ خانگي ٽي وي چينل پروگرام ۾ چيو ويو ته عدالت جي اسٽي آرڊر سان اربين رپيا ڦاسي پيا آهن، مون کي لسٽ ڏني وڃي ته اهڙا ڪهڙا ڪيسز آهن، جن سان پيسا ڦاسي پيا آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*