وفاقي سرڪار وزيراعظم هائوس جي لگزري گاڏين کانپوءِ 4 هيليڪاپٽرز ۽ وزيراعظم هائوس ۾ موجود 8 مينهون به نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

وفاقي سرڪار وزيراعظم هائوس جي لگزري گاڏين کانپوءِ 4 هيليڪاپٽرز ۽ وزيراعظم هائوس ۾ موجود 8 مينهون به نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وزيراعظم جي صلاحڪار نعيم الحق چيو آهي ته ڪيبينيٽ ڊويزن وٽ موجود 4 هيليڪاپٽرز استعمال هيٺ نه آهن، اضافي گاڏين جي نيلامي کانپوءِ هيليڪاپٽرز به نيلام ڪيا ويندا، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف غذائي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ 8 ميهنون پاليون هيون، اهي به وڪرو ڪيون وينديون، نعيم الحق چيو آهي ته اضافي گاڏين جي نيلامي کانپوءِ هيليڪاپٽرز به نيلام ڪيا ويندا.

وفاقي سرڪار پاران وزيراعظم هائوس جي لگزري گاڏين کانپوءِ 4 هيليڪاپٽرز ۽ وزيراعظم هائوس ۾ موجود 8 مينهون به نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار نعيم الحق چيو ته ڪيبينيٽ ڊويزن وٽ موجود 4 هيليڪاپٽرز استعمال هيٺ نه آهن.

نعيم الحق چيو ته اضافي گاڏين جي نيلامي کانپوءِ هيليڪاپٽرز به نيلام ڪيا ويندا.

نعيم الحق چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف غذائي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ 8 ميهنون پاليون هيون، اهي به وڪرو ڪيون وينديون……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*