وزيراعطم عمران خان کي راندين بابت اجلاس ۾ ملڪ ۾ راندين جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي

وزيراعطم عمران خان کي راندين بابت اجلاس ۾ ملڪ ۾ راندين جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راندين ۾ بهتري وقت جي ضرورت ۽ پهرين ترجيح آهي، راندين ۾ بهتري لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ راندين بابت پهريون اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ وفاقي وزير فهميده مرزا، سيڪريٽري آءِ پي سي جميل احمد، ڊي جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ عارف ابراهيم سميت ٻيا عملدار به شريڪ ٿيا.

اجلاس دوران ڊاڪٽر فهميده مرزا وزيراعظم عمران خان کي راندين بابت بريفنگ ڏني.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان  چيو ته راندين ۾ بهتري وقت جي ضرورت ۽ پهرين ترجيح آهي، راندين ۾ بهتري لاءِ فوري قدم کنيا وڃن………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*