سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت جو معافي نامو رد ڪندي 27 سيپٽمبر تائين مٿس فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت جو معافي نامو رد ڪندي 27 سيپٽمبر تائين مٿس فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته عامر لياقت پنهنجي غلطي تسليم ناهي ڪئي، هن پنهنجي نااهلي کان بچڻ لاءِ معافي نامو جمع ڪرايو آهي، اسان عدالتن ۾ تذليل ڪرائڻ لاءِ نه ويٺا آهيون.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي  بينچ ڊاڪٽر عامر لياقت خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته عامر لياقت جواب ۾ معافي ناهي گهري ۽ سندس معافي نامي وارو پيراگراف قانون موجب به نه آهي.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڊاڪٽر عامر لياقتپاڻ کي عدالت جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن توهين عدالت ثابت ٿي ته عامر لياقت نااهل ٿي ويندو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي  چيو ته في الحال معافي قبول نه پيا ڪيون، ايندڙ بڌڻي تي فرد جرم لڳائينداسين.

چيف جسٽس چيو ته مذاق بڻايو ويو آيه ته پهرين غلط ڪم ڪيو ۽ پوءِ معافي وٺو، اسان تذليل ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ نه ويٺا آهيون.

چيف جسٽس چيو ته عامر لياقت نااهلي کان بچڻ لاءِ معافي گهري آهي، هن لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ پنهنجي غلطي تسليم نه ڪئي آهي.

پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته عامر لياقت جي پروگرام حقيقتن جي ابتڙ پيش ڪيو ويو.جنهن تي چيف جسٽس چيو ته عدالت ڏسندي ته حڪمنامي بعد ڀڃڪڙي ٿي آهي يا نه ؟

سپريم ڪورٽ ڊاڪٽر عامر لياقت جو معافي نامو رد ڪندي مٿس فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*