اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز لاڏاڻو ڪري وئي

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز لاڏاڻو ڪري وئي، لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ ڪلثوم نواز جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد گذريل ڏينهن کيس ٻيهر وينٽي ليٽر تي رکيو ويو هو، شهباز شريف بيگم ڪلثوم جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته مڙهه ڏيهه واپس آڻڻ لاءِ خاندان ۾ صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن.

ڪجهه عرصي کان اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي گهرواري کي طبيعت خراب ٿيڻ سبب لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ڪلينڪ ۾ داخل ڪرايو ويو هو،جتي سندس علاج هلندڙ هو.

گذريل ڏينهن ڪلثوم نواز جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد کيس ٻيهر وينٽي ليٽر تي رکيو ويو هو، جتي هن اڄ دم ڏئي ڇڏيو.

نوازشريف جي ننڍي ڀاءُ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهبازشريف ڪلثوم نواز جي وفاق جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

ڪلثوم نواز هڪ ڪشميري گهراڻي ۾ 1950 ۾ جنم ورتو هو.

ڪلثوم نواز  1970 ۾ اسلاميه ڪاليج لاهور مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي، هوءَ 1999ع کان 2002 تائين مسلم ليگ جي صدر به رهي،

ڪلثوم نواز ٽي ڀيرا 1990 کان 1993، 1997 کان 1999 ۽ 2013 کان 2017 تائين خاتون اول به رهي.

ڪلثوم  نواز 1992ع ۾ فارمين ڪرسچين ڪاليج مان اردو ادب ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*