پنجاب حڪومت نواز شريف، مريم نواز ۽ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر کي اڊيالا جيل مان پيرول تي آزاد ڪري ڇڏيو

پنجاب حڪومت نواز شريف، مريم نواز ۽ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر کي اڊيالا جيل مان پيرول تي آزاد ڪري ڇڏيو، سندس جاتي امرا واري رهائشگاهه کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب شروعاتي طور تي ٽنهي ڄڻن کي 12 ڪلاڪن لاءِ پيرول تي آزاد ڪيو ويو، پنجاب ڪابينا جي منظوري کانپوءِ پيرول تي آزادي جي مدت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، شهباز شريف 5 ڏينهن لاءِ پيرول تي آزاد ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي

گذريل ڏينهن لنڊن جي هارلي اسٽريٽ اسپتال ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي گهرواري ڪلثوم نواز لاڏاڻو ڪري وئي هئي.

بيگم ڪلثوم نواز جي وفات بعد اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽  ناٺي ڪئپٽن (ر) صفدر کي پيرول  تي آزاد ڪيو ويو، جنهن بعد کين سخت سيڪيورٽي ۾ جاتي امرا پهچايو ويوهو.

ٽنهي ڄڻن کي اڊيالا جيل مان آزاد ٿيڻ بعد نورخان ايئربيس تان خصوصي اڏام ذريعي رات اڍائي وڳي لاهور پهچايو ويو هو.

واضح رهي ته ڪلثوم نواز جي ڪٽنب ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ملڻ بعد 13جولاءِ کان اڊيالا جيل ۾ قيد آهن.

نوازشريف جي گهري واري بيگم ڪلثوم نواز جي تدفين ۾ شرڪت لاءِ پنجاب حڪومت ٽنهي کي ابتدائي طور تي 12 ڪلاڪن لاءِ آزاد ڪيو آهي، پر سندن آزادي جو وقت وڌائڻ جو امڪان آهي.

شريف خاندان طرفان آخري رسمن لاءِ پنج ڏينهن لاءِ ٽنهي ڄڻن کي پيرول تي آزاد ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

جاتي امرا واري رهائشگاهه جي 3 ڪمرن کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي، رهائشگاهه اندر توڙي ٻاهر وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*