لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري ويل بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه ريجنٽ پارڪ مسجد جي سرد خاني ۾ رکيو ويو

لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري ويل بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه ريجنٽ پارڪ مسجد جي سرد خاني ۾ رکيو ويو، سڀاڻي لنڊن جي ريجنٽ پارڪ مسجد ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد بيگم ڪلثوم نواز جو مڙهه جمعي ڏينهن پاڪستان آندو ويندو، شهباز شريف به لاهور کان لنڊن روانو ٿي ويو آهي.

گذريل ڏينهن مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر حنا پرويز سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز سڀاڻي ريجنٽ پارڪ  اسلام سينٽر ۾ ادا ڪئي ويندي.

بيگم ڪلثوم نواز جي جنازي نماز کانپوءِ مڙهه هيٿرو ايئرپورٽ آندو ويندو، جتان پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 758 جي ذريعي جمعي جي صبح 6 وڳي لاهور ايئرپورٽ پهچايو ويندو.

حنا پرويز چيو ته هڪ ڌيءُ کي جيل ۾ قيد پيءُ جو لاءِ مليو هو ۽ هڪ ڌيءُکي قيدين جيان ماءُ جو آخري ديدار ڪرايو ويندو.

ٻئي طرف مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف پنهنجي ڀاڄائي جو مڙهه ڏيهه آڻڻ لاءِ لاهور ايئرپورٽ کان لنڊن روانو ٿي ويو آهي.

شهباز شريف خانگي اڏام ڪيو آر 629 ذريعي لنڊن روانو ٿي ويو آهي، جيڪو جمعي ڏهاڙي واپس ڏيهه اچي ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*