بيگم ڪلثوم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽارئرڊ صفدر سان مٽن مائٽن، عزيزن ۽ سياسي اڳواڻن پاران ڏک جي اظهار جو سلسلو جاري آهي

بيگم ڪلثوم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽارئرڊ صفدر سان مٽن مائٽن، عزيزن ۽ سياسي اڳواڻن پاران ڏک جي اظهار جو سلسلو جاري آهي.

اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي اڊيالا جيل ۾ جاتي امرا پهچايو ويو آهي.

بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي  تعزيت جي اظها رلاءِ نوازشريف جي رهائشگاهه تي سندس مٽن مائٽن ۽ عزيزن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.

نواز ليگ اڳواڻ جاويد هاشمي چيو آهي ته ڪلثوم نواز سياسي جدوجهد ۾ اسان سان گڏ هئي، هن جمهوريت جي جنگ وڙهي.

جاويد هاشمي چيو ته پرويز مشرف جي دور ۾ ڪلثوم نواز آمرن کي ، هو هڪ سال کان بيماري سان وڙهي رهي هئي.

ٻئي طرف نون ليگ پاران بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي ٽن ڏينهن تائين سموريون سياسي سرگرميون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

بيگم ڪلثوم نواز جي وڇوڙي تي شريف خاندان سان گڏ نون ليگ جا ڪارڪن به سوڳوار آهن.

وزيراعظم عمران خان، صدر عارف علوي، چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاران بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.

عمران خان چيو ته بيگم ڪلثوم نواز  هڪ باهمت ۽ باوقار عورت هئي، شريف ڪٽنب سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون،

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا به ڏک ظاهر ڪندي چيو ته الله تعاليٰ بيگم ڪلثوم نواز جا درجات بلند ڪري ۽ وارثن کي صدمو برداشت ڪرڻ جي همت ڏئي

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري پاران به بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪلثوم نواز هڪ بهادر عورت هئي ۽ هن جمهوريت لاءِ جاکوڙ به ڪئي.

اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي، چوڌري ڀائرن، سراج الحق ۽ ٻين اڳواڻن پاران به ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، پرڏيهي وزير سشما سوراج ۽ نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي پاران بيگم ڪلثوم نواز جي وڇوڙي تي شريف ڪٽنب سان ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

نريندر مودي نواز شريف جي نالي لکيل تعزيتي خط ۾ چيو آهي ته بيگم ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي جو ٻڌي ڏک ٿيو آهي، خدا اوهان کي صدمو برداشت ڪرڻ جي همت ڏئي، بيگم ڪلثوم سان ٿيل ملاقاتن جون خوشگوار يادون هميشه ياد رهنديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*