بلوچستان ۾ سينيٽ جي خالي سيٽ تي چونڊ لاءِپولنگ وارو عمل جاري آهي

بلوچستان ۾ سينيٽ جي خالي سيٽ تي چونڊ لاءِپولنگ وارو عمل جاري آهي، جيڪو شام 6 وڳي تائين بنا وقفي جاري رهندو. 6 اميدوارن ميدان ۾ لٿل آهن.

بلوچستان ۾ سينيٽ جي خالي سيٽ تي چونڊ لاءِپولنگ وارو عمل جاري آهي، ان حوالي سان 6 اميدوارن ميدان ۾ لٿل آهن.

صبح 8 وڳي شروع ٿيل پولنگ شام 6 وڳي تائين بنا وقفي جاري رهندي.

چونڊ لاءِ پنج اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، اميدوارن ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جو مير سرفراز بگٽي، ايم ايم اي جي رحمت الله ڪاڪڙ وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

چونڊ ۾ ٽي آزاد اميدوار به حصو وٺي رهيا آهن، جن ۾ عامر رند، مير غلام دستگير باديني ۽ علاءُ الدين مري شامل آهن.

بي اين پي مينگل سينيٽ ۾ ايم ايم اي جي اميداور جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي.

نعمت الله زهري جي استعيفيٰ کانپوءِ بلوچستان ۾ سينيٽ جي جنرل سيٽ  خالي ٿي هئي.

مير نعمت زهري صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي بي 36 شهيد سڪندر آباد مان بلوچستان جو ميمبر چونڊيو ويو هو. هن عام چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

ريٽرننگ آفيسرن جا فرض صوبائي اليڪشن ڪمشنر نياز احمد بلوچ سرانجام ڏئي رهيو آهي.

نتيجن جو اعلان پولنگ بعد ريٽرننگ آفيسر چيف اليڪشن ڪمشنر بلوچستان ڪندوو، بلوچستان اسيمبلي جي 65 ميمبرن مان 61 ووٽ ڪاسٽ ڪندا.

پي بي 35 مستون جي چونڊ اميداور نوابزاده سراج جي شهادت کانپوءِ ملتوي ڪئي هئي.

پي بي 40 وڊهه جي سيٽ تان ڪامياب ٿيندڙ اميدوار سردار اختر مينگل ڇڏي ڏني هئي.

پي بي 26 ڪوئيٽا ۽ پي بي 41 واشڪ جي ڪامياب اميداور جو نوٽيفڪيشن به هن وقت تائين جاري ناهي ڪيو ويو.

ايوان ۾ حڪومتي اتحاد ۾ شامل 6 جماعتي اتحاد جي ميمبرن جو تعداد 41 آهي، جن مان اپوزيشن  جي ٽن جماعتن جا 20 ميمبر آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*