شڪارپور ۾ وين ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ھڪ فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

شڪارپور ۾ وين ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ھڪ فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڪندن چوڪ وٽ وين ۽ ٽرڪ وچ ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو،حادثي ۾ نوجوان عبدالغفار پھوڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويو،5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ محمد هاشم پھوڙ، ياسين، ھدايت الله چاچڙ، صابر ٻرڙو ۽گلاب اوڏ شامل آهن.

وين ڪنڌ ڪوٽ کان شڪارپور اچي رھي ھئي، ڪندن چوڪ تي حاثي جو شڪار ٿي وئي، پوليس ٻنهي گاڏين کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*