سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي ڳوٺاڻن پاران سياحن لاءِ سهولتون ۽ مقامي رهواسين کي نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي

سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي ڳوٺاڻن پاران سياحن لاءِ سهولتون ۽ مقامي رهواسين کي نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف احتجاج جو سلسلو جاري آهي.

 واهي پانڌي ۾ 29 هين ڏينهن به گورک بچايو ايڪشن ڪاميٽيءَ  وقار مستوئي، فيصل جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اسپتال روڊ کان شهر جي مين چونڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو.

 ان موقعي تي هنن جو چوڻ هو ته گورک هل اسٽيشن تفريحي ماڳ آهي پر اتي ايندڙ سياحن لاءِ بنيادي سهولتون اڻ لڀ آهن، جڏهن ته مقامي رهواسين کي نوڪرين ۾ نظر انداز ڪيو ويو آهي.

 هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سياحن لاءِ گورک تي سهولتون فراهم ڪري ۽ مقامي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*