نوشهرو فيروز ۾بااثرن پاران گهرن تي قبضي ۽ قتل جون ڌمڪيون ملڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري اعليٰ اختيارين کان انصاف ۽ تحفظ جي گهر ڪئي آهي

نوشهرو فيروز ۾بااثرن پاران گهرن تي قبضي ۽ قتل جون ڌمڪيون ملڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري اعليٰ اختيارين کان انصاف ۽ تحفظ جي گهر ڪئي آهي.

ڳوٺ ڪرم علي ڏاهري جي رهواسين حزب الله ڏاهري، محمد قاسم، عبدالجبار ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سندن برادريءَ جا بااثر اسان کي جان کان مارڻ ۽ زمين تي قبضو ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي ويا آهن، جن کي علائقي جي بااثر ماڻهن جو آشيرواد حاصل آهي.

هنن چيو ته بااثر هٿيارن جي زور تي ڌمڪائي رهيا آهن، اسان پوليس وٽ به وياسين پر پوليس اڃا تائين ڪجهه نه ڪيو آهي، جنهن سبب اسان غير محفوظ آهيون.

هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن خلاف قدم کڻي اسان کي تحفظ ڏئي انصاف ڏياريو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*