گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي

گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، رينجرز ۽ پوليس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته گم ٿيلن مان 13 ڄڻا گهر پهچي چڪا آهن، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهو عدالت جي ڪوششن سان واپس پهتا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران رينجرز ۽ پوليس اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائِي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪيترن ئي مهينن کان گم ٿيل 13 ڄڻا واپس گهر پهتا آهن، جن ۾ ڪورنگي واسي الياس، زاهد ۽ عارف، بغدادي واسي منور، اسد الله، ناصر ۽ ٻيا شامل آهن.

جسٽس نعمت الله چيو ته شهري عدالت جي ڪوششن سان واپس گهر پهتا آهن.

گم ٿيل ماڻهن جي وارثن عدالت ۾ پيش ٿي گڏيل درخواست داخل ڪرائِي ۽ موقف اختيار ڪيو ته اسان جا عزيز سالن کان گم آهن، عدالتن جا چڪر ڪاٽَي ڪاٽَي ٿَڪِي پيا آهيون.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پوليس کان پڇاڻو ڪيو ته هِنن ماڻهن جا عزيز ڪڏهن بازياب ڪرائيندو، هِي ماڻهو هر ٻڌڻي تي ايندا آهن، اسان ڪهڙو جواب ڏيون؟

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته  جڏهن هي ماڻهو مايوس ٿي واپس ويندا آهن ته مونکي ڇا محسوس ٿيندو آهي، اوهان کي ان جو اندازو ئي ناهي.

عدالت پوليس کي حڪم ڏنو ته گم ٿيل ماڻهن بازياب ڪرائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

عدالت گم ٿيل 10 شهرين کي 10 آڪٽوبر تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*