سنڌ جي نئين آءِ جي ڪليم امام پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالڻ بعد وڏي وزير مراد علي شاهه سان به ملاقات ڪئي

سنڌ جي نئين آءِ جي ڪليم امام پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالڻ بعد وڏي وزير مراد علي شاهه سان به ملاقات ڪئي، وڏي وزير کيس صوبي ۾ امن امان بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

ڊاڪٽر ڪليم امام سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي پهتو ته پوليس جي چست جٿي کيس سلامي پيش ڪئي، ايڊيشنل آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ، ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽرز ۽ ٻين پوليس جي اعليٰ آفيسرن نئين آجي ڪليم امام جي آجيان ڪئي.

نئين آءِ جي عهدي جون ذميواريون سنڀالڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه نئين آءِ جي کي امن امان بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ ۾ جدوجهد کانپوءِ امن امان بحال ٿيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته امن امان کي وڌيڪ بهتر ۽ مستقبل بڻائڻو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*